اي ٽي ايم مشين مان پئسن بدران برياني نڪرڻ لڳي!

جيڪڏهن اسان ائين چئون ته اُهو وقت گذري ويو جڏهن اي ٽي ايم مشينز مان رڳو پئسا نڪرندا هئا ته غلط نه هوندو، انوويشن جي هن دور ۾ اي ٽي ايم مان پئسن کانسواءِ گرم ۽ فريش برياني جو آرڊر ڏيڻ به هاڻ ممڪن ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي شهر چنئي  سان تعلق رکندڙ هڪ شخص برياني اي ٽي ايم مشين لڳائي آهي، جنهن مان شهري گرما گرم برياني آرڊر ڪري سگهن ٿا.

ميڊيا رپورٽس موجب اها برياني اي ٽي ايم ڀارتي شهري پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ ٺاهي آهي.

برياني اي ٽي ايم انتظاميا طرفان ٻڌايو پيو وڃي ته بُکئي پيٽ ڪسٽمر هتي پنهنجي بُک ختم ڪرڻ لاءِ اچي سگهن ٿا، جتي کين تيز سهولت سان گڏوگڏ سٺو تجربو حاصل ڪرڻ جو موقعو پڻ ملندو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by FOOD VETTAI (@food_vettai)

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.