نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي پارليامنٽ طرفان مخالف ڌر اڳواڻ راهول گانڌي جي نااهلي خلاف ڪانگريس جو مُلڪ گير ڌرڻو جاري آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڌرڻي ۾ ڪانگريس جو صدر ارجن کڙگي ۽ پارٽي جنرل سيڪريٽري پريانڪا گانڌي پڻ موجود آهي.
رپورٽس موجب سمورين رياستن، ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ گانڌي جي مجسمي آڏو پنج وڳي تائين ڌرڻو جاري رهندو، ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن پاران مودي سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي تي ساک کي ڇيهو رسائڻ ۾ ڏوهاري قرار ڏيڻ کانپوءِ ڀارتي پارليامنٽ راهول گانڌي کي نااهل ڪيو هو.
ٻئي پاسي عدالت راهول گانڌي کي ٻه سال قيد جي سزا ٻڌائڻ جي فوري بعد سندس ضمانت پڻ منظور ڪري ورتي هئي.