تيونس ۾ هڪ ٻي ٻيڙي اونڌي، 19 ڄڻا اجل جو شڪار

تيونس ۾ هڪ ٻي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 19 آفريڪي پناهگير اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن.

انساني حقن جي هڪ گروپ موجب ٻيڙي ٻڏڻ جو اِهو واقعو آچر واري صبح پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 19 پناهگير ٻڏي ويا.

ميڊيا رپورٽس موجب ٻيڙي ۾ سوار آفريڪي پناهگير تيونس جي سامونڊي رستي اٽلي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

سماجي ۽ اقتصادي حقن بابت فورم جي هڪ اڳواڻ ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملندي تيونس ڪوسٽ گارڊ ٿڏي تي پهچي پنجن ڄڻن کي بچائي ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.