گهڻو ٿيو، چونڊون ڪرائي مُلڪ پاڪستانين جي حوالي ڪيو: حليم عادل شيخ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته رڪاوٽن باوجود لاهور جلسي لاءِ عوام نڪتو، جيترو ظلم ڪيو ويندو، دٻايو ويندو اوترو قوم نڪرندي.

جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ حليم عادل شيخ چيو ته  رڪاوٽن باوجود لاهور جلسي لاءِ عوام نڪتو، ٻه هزار گرفتاريون ڪيون ويون روڊ بند ڪيا ويا، انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي پوءِ به عوام کي نه روڪي سگهيا.

سندس چوڻ هو ته اهي ماڻهو جيڪي خوابن جي دنيا ۾ رهن ٿا اهي ٻاهر نڪري اچن ۽ ڏسن ته عوام ڇا ٿو چاهي، قوم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي،

سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته جيترو ظلم ڪيو ويندو، دٻايو ويندو، اوترو قوم نڪرندي، سڄي لاهور جي عوام ٻاهر نڪري پيغام ڏنو آهي ته هاڻي گهڻو ٿي ويو چونڊون ڪرايو ملڪ پاڪستانين جي حوالي ڪريو.

هن چيو ته ڪپتان پنهنجو پروگرام ڏئي ڇڏيو آهي، ڪپتان چئي ڇڏيو ته ڪو پروگرام آهي ته ڏيو ۽ اچي وڃو.

سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته چورن جو ٽولو جيڪو هن وقت ملڪ تي مڙهيل آهي ان کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.