ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته لاهور جي عوام عمراني فتني کي رد ڪري ڇڏيو، لڳي ٿو ڪوڙ عمران خان جي رت ۾ شامل آهي، عمران جي هر ڪوڙ مان هڪ نئون ڪوڙ جنم وٺندو آهي، سائفر کان شروع ٿيل ڪوڙ واپاري برادري تائين پهچي چڪو آهي، آمريڪي سازش جو ڪوڙ ڳالهائيندڙ اڄ آمريڪن بيورو ڪريٽ جا بوٽ پالش ڪري رهيو آهي.
هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي تي رد عمل ڏيندي امتياز شيخ چيو ته لاهور جي عوام عمراني فتني کي رد ڪري ڇڏيو، لڳي ٿو ڪوڙ عمران خان جي رت ۾ شامل آهي.
سندس چوڻ هو ته عمران جي هر ڪوڙ مان هڪ نئون ڪوڙ جنم وٺندو آهي، سائفر کان شروع ٿيل ڪوڙ واپاري برادري تائين پهچي چڪو آهي.
سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو ته آمريڪي سازش جو ڪوڙ ڳالهائيندڙ اڄ آمريڪن بيورو ڪريٽ جا بوٽ پالش ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته عمران جي ڏڦيڙ ۽ فتنو پکيڙڻ جي سياست ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي، عمران خان کي جيترو موت جو خوف آهي اڄ تائين ناهي ڏٺو.
سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو ته جلسي ۾ به عمران خان بلٽ پروف ڪنٽينر تي چڙهي خطاب ڪيو، ڊڄڻو شخص پنهنجي ڀيٽ شهيد بينظير ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو سان ڪري ٿو، گدڙ ڪڏهن به شينهـَنِ جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، ڀٽو خاندان جي ڪاپي ڪرڻ لاءِ شينهن جو جگر هئڻ گهرجي.