ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ ناصر شاهه پي ٽي آءِ سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ چوڻ وارو اڄ چئي رهيو آهي مون کي جيل کان بچايو.
ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ رمضان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ چونڊن کان ڀڄڻ نٿي چاهي.
هن چيو ته پ پ ملير ۽ ملتان ۾ به عمران خان کي هارايو، لياري ۾ پي ٽي آءِ جو ايم پي اي مڪاني چونڊون هارائي ويو.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان بلڊ پروف برقعو ايجاد ڪيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪو جيل ڀريو تحريڪ جو چئي رهيو اڄ ڪارڪنن کي چئي رهيو آهي ته مون کي جيل کان بچايو.