فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ) مفت اٽو حاصل ڪرڻ جي وٺ وٺان ۾ مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ هنيئر تائين ڇهه ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ مفت اٽو حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڇهه زندگيون ضايع ٿي چڪيون آهن، پر انتظاميا عزت ۽ سڪون سان اٽي جي ورهاست ڪو طريقيڪار نه جوڙي سگهي آهي.
ڀکر ۾ ڪيئي ڪلاڪن تائين قطار ۾ بيٺل پنهنجي واري جو انتظار ڪندڙ همراهه دم ڏئي ڇڏيو، مظفر ڳڙهه ۾ ڀاڄ پيرسن عورت جي حياتي کسي ورتي، جڏهن ملتان، فيصل آباد ۽ ڪوٽ ادو ۾ قطارن ۾ انتظار ڪندڙ ٽي ڄڻا دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويا.
هوڏانهن چارسده ۾ رش ۽ ڀاڄ جي نتيجي ۾ هڪ شهري زندگي جي جنگ هارائي ويو.
انکانسوا اٽو نه ملڻ تي پشاور ۾ به احتجاج ڪيو ويو، عورتن روڊ بند ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڊيرا غازي خان جي تعلقي تونسه ۾ اٽو نه ملڻ تي شهرين نئين مقرر ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر جي آڏو احتجاج ڪيو، ان دوران هڪ عورت اسسٽنٽ ڪمشنر جي واسڪٽ لاهي ڇڏي جنهن تي اي سي جي محافظن عورت کي چماٽ وهائي ڪڍي جنهن تي مڇريل شهري اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي تي حملو ڪري ڏنو .