ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان نالو نڪرڻ بعد پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب عدالت کان اجازت ملڻ بعد صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شرجيل انعام ميمڻ اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن ريفرنس سبب 2017ع کان پرڏيهه نه ويو هو.
ذريعن موجب، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڇهن ورهين بعد ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان نالو نڪرڻ بعد پهريون ڀيرو پرڏيهه ويو آهي.