ھندستان ۾ جمھوريت خطري ۾ آھي ؟

ھندستان ۾ اپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي، سزا مليل اپوزيشن اڳواڻ راھول گانڌي ملڪ ۾ جمھوريت تي سوال اٿاريندي چيو آھي تھ ھر اداري ۾ بي جي پي جا حامي داخل ٿي ويا آھن ان ڪري جمھوريت خطري ۾ پئجي وئي آھي، حڪومت اسان جي راءِ ۽ آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.

ياد رھي تھ تازو راھول گانڌي کي مليل سزا ۽ ھن جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ بعد سياسي تڪرار تيز ٿي ويو آھي.سينيئر اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي جي پارليامينٽ جي ميمبرشپ ھڪ عدالت پاران  ٻن سالن جي سزا کانپوءِ ختم ڪئي وئي آهي،

راهول گانڌي کي اھا سزا سورت جي هڪ عدالت پاران 4 سال پراڻي توھين واري ڪيس ۾ ٻڌائي وئي آھي.ھن  30 ڏينهن جي ضمانت ورتي آهي ۽ عدالتي فيصلي خلاف اپيل جي در کڙڪائڻ جو اعلان ڪيو آھي.

راهول گانڌي هندستان جي ڏکڻ واري رياست ڪيرالا مان پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيل آھي.سندس پارٽي اھڙي فيصلي کي غلط قرار ڏيندي، ان خلاف ملڪي راڄڌاني ۾ مظاھرو ڪري احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو آھي.وڊيوز ۾ اپوزيشن ليڊرن کي پارليامينٽ ٻاهران احتجاج ڪندي ڏسي سگھجي ٿو، جن جي ھٿن ۾ موجود بينرن تي لکيل هو ته جمهوريت خطري ۾ آهي.

مٿين ايوان ۾ اپوزيشن ليڊر مليڪارجن کڙڪي، چيو آھي  ته بي جي پي حڪومت نٿي چاهي ته پارليامينٽ ۾ ڪو به سچ ڳالهائي، پر اسان پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر پنهنجو آواز بلند ڪندا رهنداسين.ياد رهي ته ھندستان جي قانون موجب پارليامينٽ جي ڪنهن ميمبر کي ٻن سالن يا ان کان وڌيڪ جيل جي سزا ٻڌائڻ سان پاڻمرادو ان جي پارليامينٽ جي ميمبرشپ ختم ٿي ويندي آهي.ھن سزا جو تعلق سال 2019 ۾ راھول پاران ڪيل ھڪ تبصري سان آھي،جنھن ۾ ھن چيو ھو تھ سمورن چورن جو تعلق مودي برادري سان ڇو ھوندو آھي،

جنھن ۾ ھن  نيروو مودي، للت مودي، نريندر مودي، جو ذڪر ڪيو ھو.نيروو مودي هيرن جو واپاري آهي ۽ ملڪ مان فرار آهي، للت مودي انڊين پريميئر ليگ جو اڳوڻو سربراهه آهي، جنهن تي ملڪ جي ڪرڪيٽ بورڊ تاحيات پابندي لڳائي هئي. راهول گانڌي جو موقف آهي ته سندس بيان ڪرپشن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هو ۽ ڪنهن برادري جي دل آزاري لاءِ نھ ھو.

سندس خلاف ڪيس بي جي پي سان تعلق رکندڙ وڪيل پرنيش مودي داخل ڪرايو.جنهن جو چوڻ آهي ته اھڙي بيان سان پوري مودي برادري کي ڏک پهتو آهي.راهول گانڌي ڪيس جي ٻڌڻي دوران خميس ڏينهن سورت جي عدالت ۾ موجود هو.

ھن اھڙو بيان 2019ع ۾ لوڪ سڀا جي چونڊ مهم دوران ڪرناٽڪا ۾ هڪ چونڊ ريلي ۾ خطاب وقت ڏنو ھو.ان وقت ڪانگريس جي صدر راهول گانڌي وزيراعظم مودي کي نشانو بڻائيندي چيو هو ته چوڪيدار 100 سيڪڙو چور آهي.ان دوران نريندر مودي پاڻ کي ملڪ ۽ عوام جو ‘چوڪيدار’ سڏيندي چونڊ مهم ھلائي ھئي.

درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته راهول گانڌي پارليامينٽ جو ميمبر آهي، جتي قانون ٺاهيا ويندا آهن.جيڪڏهن راهول گانڌي کي گهٽ سزا ڏني وئي ته سماج ۾ هڪ غلط پيغام ويندو ته جيڪي ماڻهو قانون ٺاهي رهيا آهن انهن کي گهٽ سزا ڏني وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.