گاڏين جي وڪري ۾ سالياني بنيادن تي 48 سيڪڙو گهٽتائي

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ گاڏين جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 8 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 48 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان آٽو مينوفيڪچررز ايسو سي ايشن جي انگن اکرن مطابق جولاءِ کان فيبروري 2023 تائين جي مدي ۾ ملڪ ۾ 78575 يونٽس مسافر گاڏين جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 48 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ ملڪ ۾ 149814 يونٽس گاڏين جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن مطابق 1300 سي سي ۽ ان کان وڌيڪ پاور جي گاڏين جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 8 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 44 سيڪڙو، هڪ هزار سي سي 68 سيڪڙو ۽ 800 سي سي ۽ ان کان گهٽ پاور جي گاڏين جي وڪري ۾ سالياني بنيادن تي 39 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.