وڏيون تبديليون اچڻ واريون آهن، ايمرجنسي به لڳي سگھي ٿي: منظور وساڻ

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته هلندڙ سال ملڪ ۾ وڏا فيصلا ٿيڻ  وارا آهن ۽ وڏيون تبديليون اچڻ واريون آهن، ملڪ ۾ ايمرجنسي به لڳي سگھي ٿي، نگران سيٽ اپ يا ڪجهه وقت لاءِ نيوٽرل حڪومت به اچي سگھي ٿي. منظور وساڻ پنھنجي بيان ۾ چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي پر صورتحال ٻڌائي رهي آهي ته چونڊون وقت تي نه ٿينديون، ٿي سگھي ٿو ته آڪٽوبر ۾ به چونڊون نه ٿي سگهن. هن چيو ته هاڻ عمران خان جي گرفتاري به ڪا معنيٰ نٿي رکي. هاڻ معاملو ان کان به اڳتي نڪري ويو آهي، ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، وفاقي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. منظور وساڻ سياستدانن کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن سياستدانن دانشمندي سان فيصلا نه ڪيا ته اهڙا ماڻهون جيلن ۾ ويندا جيڪي اڳ ڪڏهن به جيل نه ويا هوندا، پر سياستدان جيلن ۾ ويندا رهندا آهن. منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي ته عمران خان کي وزيراعظم بڻجندي يا اقتدار ۾ ايندي نه پيو ڏسان. (ن) ليگ جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ جا وڌيڪ چانس آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.