شرجيل انعام ميمڻ انفارميشن ڪال سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ انفارميشن ڪال سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن هي  اعلان  اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي جي جائزي وٺڻ لاءِ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته اطلاعات کاتي تحت انفارميشن ڪال سينٽر قائم ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت جي  سمورن ادارن کي انفارميشن ڪال سينٽر سان منسلڪ ڪيو ويندو. ڪال سينٽر سنڌ حڪومت جي پاليسين ۽ کنيل قدمن  بابت بروقت ۽ صحيح  اطلاعات فراهم ڪندو ۽  فيڪ نيوز ۽ حڪومت خلاف جعلي پروپيگنڊا کي به منهن ٽوڙ جواب ڏيندو.  صوبائي وزير ، اطلاعات کاتي  واري سيڪريٽري کي فوري طور تي انفارميشن ڪال سينٽر لاءِ PC-1 جلد تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته کاتي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو وڃي، سنڌ حڪومت جي ترقياتي منصوبن لاءِ مناسب پبلسٽي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هر کاتي ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي، اها اطلاعات کاتي جي ذميواري آهي ته هو عوام کي آگاهي فراهم ڪري. شرجيل انعام ميمڻ،  انفارميشن سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پاليسي گائيڊ لائنين ڏنيون آهن مونکي نتيجا گهرجن. هن چيو ته سوشل ميڊيا ونگ تي ڌيان ڏنو وڃي اجلاس ۾  سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڊائريڪٽر ايڊمن محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر پبليڪيشن منصور راجپوت ، ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ امتياز جويو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ سارنگ چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.