ذوالفقار مرزا سميت 24 ڄڻا 8 سالن کان پوءِ آزاد

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي صوبائي وزير ذوالفقار مرزا سميت 24 ڄڻن کي ٿاڻي تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس  مان 8 سالن بعد آجو قرار ڏئي بري ڪرڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو.رپورٽ موجب درخشان ٿاڻي تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ پراسيڪيوشن ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيڻ تي عٿدالت اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سميت 24 ڄڻن کي 8 سالن کان پوءِ آزاد ڪري ڇڏيو.8 سالن کان هڪ به شاهد پيش نه ٿيو، سرڪاري وڪيل ۽ شاهد پيش نه ٿيڻ تي عدالت سمورن جوابدارن کي ڪيس مان آجو قرار ڏئي بري ڪري ڇڏيو.اي ٽي سي سينٽرل جيل  12 جي عدالت ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ محبوب ابڙو سميت 24 جوابدار پيش ٿيا، بار بار نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود هڪ به شاهد پيش نه ٿيو. پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف ڪي به شاهديون پيش نه ڪيون، واضح رهي ته 2015 ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سميت سمورن جوابدارن تي درخشان ٿاڻي تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو،ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سميت سمورا جوابدار ضمانت تي آزاد هئا، پراسيڪيوشن ثبوت پيش نه ڪري سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.