مستعفي اٽارني جنرل پاران استعيفيٰ وٺڻ جي خبرن جي ترديد

اسلام آباد (اي پي پي) مستعفي اٽارني جنرل آف پاڪستان شهزاد عطا الاهي ان خبر جي ترديد ڪئي آهي ته جنهن ۾ چيو ويو هو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان کان استعيفا ورتي وئي آهي. شهزاد عطا الاهي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن پنهنجي ذاتي مصروفيتن سبب اٽارني جنرل آف پاڪستان جي حيثيت تان استعيفا ڏني آهي،  پنهنجي استعيفيٰ هڪ سينئر وفاقي وزير جي دخواست تي صدر مملڪت ڏانهن موڪلڻ بدران ان جي حوالي ڪئي. ڄاڻايل وفاقي وزير طرفان مون کي پنهنجي استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ملتوي ڪرڻ سميت لکيو ويو، استعيفيٰ صدر مملڪت کي نه موڪلڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، جنهن کي قبول ڪندي مون اصلي استعيفيٰ جي ڪاپي سينئر وفاقي وزير جي حوالي ڪئي. هاڻي هي حڪومت جي صوابديد آهي ته هو اها استعيفا صدر مملڪت ڏانهن موڪلي، جڏهن ته هن ان عمل جي تصديق ڪئي آهي ته هن 24 مارچ تي اٽارني جنرل جي پوزيشن تان استعيفا لکي ڏني آهي جيڪا صدر مملڪت جي جاءِ تي سينئر وفاقي وزير جي حوالي انهي ڏينهن ڪري ڇڏي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.