ٽرمپ پاران فرد جرم جي صورت ۾ امڪاني موت ۽ تباهي جي وارننگ

واشنگٽن(م ڊ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرد جرم لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي امڪاني موت ۽ تباهي کان خبردار ڪري ڇڏيو،ٽرمپ پاران اهو بيان هن جي سماجي رابطن جي ويب سائٽ ” ٽروٿ“ ذريعي  اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن گذريل هفتي هن مين هٽن ڊسٽرڪٽ اٽارني ايلون بريگ تي زباني حملو ڪندي غلط اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ته کيس ٽن ڏينهن کانپوءِ گرفتار ڪيو ويندو، ٽرمپ ڪوڙي دعويٰ ڪئي ته 2020ع ۾  هن جي شڪست دوکي جو نتيجو هئي‏، سندس ان دعويٰ جي ڪري هن جي حامين جنوري 2021ع ۾ ڪانگريس کي ڊيموڪريٽڪ صدر جو بائيڊن جي چونڊ جي تصديق کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ آمريڪي ڪيپيٽل تي حملو ڪيو، مين هٽن ڊسٽرڪٽ اٽارني ايلون بريگ جي آفيس ڪانگريس ۾ ريپبليڪن ڪميٽي جي چيئرمينز کي لکيل خط ۾ چيو ته ٽرمپ ڇنڇر ڏينهن جاري بيان ۾ پنهنجي گرفتاري جا غلط خدشا پيدا ڪيا، خيال رهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر تي الزام آهي ته هن 2016ع جي صدارتي چونڊ کان اڳ پورن اسٽار اسٽيفني ڪليفورڊ عرف اسٽورمي ڊينيئلز کي لاڳاپن جي معلومات لڪائڻ لاءِ هڪ لک 30 هزار ڊالر ادا ڪيا هئا، ٽرمپ گذريل ڏينهن ٽيڪساس جي شهر واڪ ۾ چونڊ ريلي ڪڍي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.