سراج الحق جي عمران کي جماعت اسلامي جي هيڊڪوارٽر ۾ قيام جي دعوت

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سڄو ملڪ مهانگائي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي اٽي جي لائن ۾ موت وڪامجي  رهيو آهي، 5 غريب شهيد ٿي ويا. پي ڊي ايم جي حڪومت سڀ کان وڌيڪ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ قوم تي بار آهي،هن  چيو ته حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جو چونڊن مان فرار ٿيڻ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف ورزي ۽ غير آئيني آهي اسان جو مخلصاڻو مشورو آهي ته قومي چونڊن طرف اڳتي وڌو وڃي. پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ سيز فائر ڪن سياسي معاملن کي عدالتن ۾ ڇڪڻ بدران پارليامينٽ ۾ صلاح مشورو ڪيو وڃي،پارليامينٽ ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ مرڪزي بلوچستان ۽ سنڌ اسيمبلين کي ٽوڙڻ گهرجي ۽ عوام کي آزاديءَ سان پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو موقعو ڏنو وڃي ائين نه ٿيو ته ٻي صورت ۾ اڳ ۾ ئي ڪمزور جمهوري نظام کي سخت خطرو ٿي سگهي ٿو. پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ صورتحال کي مارشل لا تائين وڌائي رهيا آهن، هن چيو ته جماعت اسلامي جون اليڪشن جون تياريون مڪمل آھن اسان انقلابي منشور پيش ڪري ڇڏيو آهي اھڙن خيالن جو اظهار ھن منصوره ۾ سيڪريٽري جنرل امير العظيم، سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف ۽ جماعت اسلامي پنجاب ڏکڻ جي امير جاويد قصوري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سراج الحق افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن عدالتون پنهنجي ذميواري پوري ڪن ها ته حالتون اهڙيون نه هجن ها. هن حڪومت پاران پي ٽي آءِ جي جلسي کي روڪڻ جي مذمت ڪندي چيو ته پرامن ريلي هر سياسي پارٽي جو آئيني حق آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منصوره دارالامان آهي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سميت ڪو به سياسي اڳواڻ هتي اچي ۽ رھڻ چاھي ته رهي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.