ڀڪر (م ڊ) ڀڪر جي يونين ڪائونسل نوتڪ ۾ مفت اٽو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پيرسن لاڏاڻو ڪري ويو.66ورهين جو الاهي بخش صبح 6 وڳي اٽو وٺڻ لاءِ يوسي آفيس ۾ موجود هو، هن قطار ۾ بيهي اٽو ورتو ۽ پوءِ ڪِري پيو.ريسڪيو ذريعن موجب الاهي بخش جي طبعيت جي خرابي جو اطلاع مليو ته طبي امداد پهچڻ تائين هو دم ٽوڙي چڪو هو.هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،مظفر ڳڙهه ۾ مفت اٽي جي پوائنٽ تي ڀاڄ سبب پيرسن عورت فوت ٿي وئي.پوليس موجب جتوئي تعلقي ۾ عورت مقامي ميرج هال ۾ قائم اٽي جي پوائنٽ تي گيٽ کلڻ جو انتظار ڪري رهي هئي، گيٽ کلڻ تي ڀاڄ سبب هوءَ ڪِري زخمي ٿي پئي.پوليس ٻڌايو ته 60 ورهين جي عورت کي ريسڪيو اهلڪارن اسپتال پهچايو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.ڊپٽي ڪمشنر عباس جعفري واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.واضح رهي ته مفت اٽو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪيترائي شهري پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن.