اٽي جي مفت ورهاست ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ+اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اٽي جي مفت ورهاست ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، مفت اٽي جي مرڪزن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ نادرا  ڪائونٽرز کي يقيني بڻايو وڃي. ڪالهه وزيراعظم ڪمپني باغ سرگوڌا ۾ مفت اٽو ورهائڻ جي مرڪز جو دورو ڪيو. وزيراعظم اٽو ورهائڻ جي طريقيڪار جو جائزو ورتو، سرگوڌا جي ڪمشنر وزيراعظم کي مفت اٽو ورهائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني، وزيراعظم اٽي جي ورهاست جي طريقيڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم عوام جي آساني لاءِ اٽي جي ورهاست وارن مرڪزن کي وڌائڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.