حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو عمران ۽ عدليا سان فيصلائتو دنگل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال مان واضح نظر اچي رهيو آهي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ متحد آهن. جڏهن ته عمران ۽ عدليا جو به پاڻ ۾ اتحاد آهي. ايئن چوڻ ۾وڌاءُ  نه آهي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ متحد ٿي عمران- عدليا اتحاد سان  مقابلي ۾ آهن ۽ دنگل آخري مرحلي ۾ داخل آهي.

هڪ طرف عدليا ۾ موجود ڪجهه جج عمران خان جي محبت ۾ مبتلا آهن. جنهن بابت اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر)  قمر جاويد باجوه به انڪشاف ڪيو ٻيا جج عمران خان جي سوشل ميڊيا برگيڊ جي دٻاءُ جو شڪار آهن. جيڪا ڳالهه به اڳوڻي آرمي چيف واضح لفطن ۾ڪئي آهي.

ٻئي طرف حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو به عدليا تي دٻاءُ وڌي ويو آهي. گڏيل پارليامينٽ ۾ به عدليا  جي ڪردار بابت بحث شروع ٿي ويو آهي. اهم قانون  سازي جابه امڪان آهن. نئين اٽارني جنرل لاءِ عرفان قادر ۽ انور منصور اعواڻ جي نالن تي حڪومت غور ڪري رهي آهي.

نامياري تجزئي نگار نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي زوريءَ پاناما مان اقامه ڪڍي تاحيات نااهل ڪيو ويو. ان جي ڀيٽ ۾ عمران خان خلاف  تمام پختا ثبوت موجود آهن.

ان ڪري عمران خان جي نااهلي ۽ گرفتاري اڻٽر آهي. ڇو ته هاڻي عمران ڪنهن جو به لاڏلو نه رهيو آهي. اهڙا ثبوت آهن جو عدليا  به عمران کي  بچائي نه ٿي سگهي.

نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي. ته پي ٽي آءِ جا سوين ڪارڪنن ڀڃ ڊاهه ۽ دهشتگرديءَ جي الزامن ۾ گرفتار ٿيا آهن. پر عمران خان کي صرف اظهر مشواڻي جي کنڀجڻ جو صدمو به آهي ۽ ڳڻتي به آهي. ڇو ته ان وٽ انتهائي اهم آڊيو ۽ وڊيو موجود آهن. جيڪي ليڪ ٿيڻ جو عمران خان کي خوف کائي رهيو آهي.

هوڏانهن شايد ! اظهر مشواڻي جي نشاندهي تي پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا برگيڊ خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع آهي ڇو ته سوشل ميڊيا تي آئيني ادارن ۽ سربراهن خلاف غليظ الزام هڻي ٽرينڊ هلايا پيا وڃن. عمران جو سوشل  ميڊيا ئي اهم هٿيار آهي. جيڪو کانئس کسجي ويو ته پي ٽي آءِ جي سياست لاءِ اهو موت برابر هوندو.

نامياري صحافي حامد مير جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) فيض حميد اڃان تائين زلمي خليل زاد سان رابطي ۾آهي. ان ڪري عمران جي حق ۾ زلمي خليل جا بيان سمجهه ۾اچن ٿا.  صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ عدليا ۾ ٽڪراءُ شديد ٿي چڪو آهي.

ان دوران اڳوڻي آرمي چيف جا عدليا بابت انڪشاف به انتهائي اهميت جوڳا آهن. پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري ڇڏي آهي. اهو ٽيسٽ ڪيس آهي.

ڏسڻو آهي ته سنگل بئنچ جڙي ٿي. لارجر بئنچ يا فل ڪورٽ ويهي ٿي ۽ فيصلو ڪهڙو ٿو اچي هينئر تائين ته عدليا  جو جيڪو رويو رهيو آهي ان پس منظر ۾ ته بئنچ جڙڻ سان ئي عدالت جي ذهن جو اندازو ٿي ويندو. جنهن جي نتيجي ۾ معاملا بهتريءَ  طرف وڃي سگهن ٿا. ۽ ٽڪراءُ جي شدت گهٽجي سگهي ٿي.

ٻي صورت ۾ اهو ٽڪراءُ  ملڪ لاءِ خطرناڪ ثابت به ٿي سگهي ٿو. ڇو ته عدليا اندر جيڪا ورڇ آهي. ان سبب  عدليا سخت تنقيد ۽ دٻاءُ  جو شڪار آهي. اڳ اهڙي تنقيد  ۽ دٻاءُ  سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ تي هوندو هو پر ان اداري اڻ ڌريو رهڻ جو فيصلو ڪري ان تنقيد ۽ دٻاءُ  کان آجو ڪيو آهي.

صرف عمران خان اسٽيبلشميٽ خلاف ڳالهائي رهيو آهي. جنهن جو  مقصد آهي ته ماضيءَ جيان ادارو کيس وزير اعظم جي ڪرسيءَ تي آڻي ويهاري ان ڪري اهڙي تنقيد يا دٻاءُ بي  اثر آهي. ان هوندي به پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا برگيڊ جو علاج شروع ڪيو ويو آهي. مشواڻي جو گم ٿيڻ ان جو ثبوت آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز آچر 26 هين مارچ 2023ع تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.