ڪراچي(رپورٽر) چيف سينسز ڪمشنر پاڪستان نعيم الظفر چيو آهي ته ڪراچي اڃا تائين اڌ کان ڪجهه گهٽ ڳڻيو ويو آهي، اڌ کان وڌيڪ ڪراچي جي ڳڻپ باقي آهي، پوري پاڪستان ۾14 ڪروڙ ماڻهو ڳڻجي چڪا آهن.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته 2017ع جي آدم شماري 3 سالن جي دير سان منظور ٿي، ڇهين آدم شماري کانپوءِ لازمي هو ته ستين مردم شماري شفاف ٿئي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ وسيلن، نمائندگي هر صوبي جي آبادي جي لحاظ کان ٿيندي آهي، هيل تائين 60 سيڪڙو پاڪستان ڳڻجي چڪو آهي.
هن چيو ته اسان پوڻا ٻن سالن کان ڊجيٽل آدم شماري جي تياري ڪري رهيا هئاسين، ڊجيٽل آدم شماري جي منصوباندي ۾ ڏيڍ پوڻا ٻه سال لڳا.
نعيم الظفر چيو ته پوري پاڪستان جا چار ڪروڙ گهر ٽيگ ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ هيل تائين 3 ڪروڙ 14 لک ماڻهو ڳڻجي چڪا آهن، ڪراچي ۾ 84 لک 87 هزار 430 ماڻهن کي ڳڻيو ويو آهي.