جلسي کان اڳ مينار پاڪستان ويندڙ رستا سيل، پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون

لاهور ( م ڊ ) تحريڪ انصاف جي اڄ مينا  پاڪستان جلسي کان اڳ پوليس ڪريڪ ڊائون ڪندي پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، لاهور جي داخلي رستن کي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف رستن تي ڪنٽينر هنيا وياپوليس رحيم يار خان جي مختلف علائقن مان تحريڪ انصاف جي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ملتان مان پي ٽي آءِ اڳواڻ جاويد انصاري جي پٽ سميت 26 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو.تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته لوڌران ۽ ڀکر مان به ڪيترن ئي ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.واضح رهي ته گذريل رات سيالڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو ته عثمان ڊار گهر ۾ موجود نه هو، پنجاب پوليس سيالڪوٽ ۾ عثمان ڊار جي گهر تي به ڇاپو هنيو، عثمان ڊار چيو ته منهنجي گهر کي پوليس جو گهيرو آهي، پوليس ڪارڪنن کي جلسي گاهه وڃڻ کان روڪڻ چاهي ٿي، پوليس فرخ حبيب جي گهر تي به چڙهائي ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.