اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته وطن جو غدار مينار پاڪستان کي پنهنجي ڪوڙ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، پاڪستان خلاف ڪم ڪندڙ ايجنٽ کي مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو بيان،پنهنجي ٽويٽس ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته حقيقي آزاديءَ جون ڳالهيون ڪندڙ شخص پهرين آمريڪي لابنگ ڪمپنيز کان ته آزادي حاصل ڪري،پرڏيهي فنڊنگ سان فتنو پکيڙيندڙ کي ڇوٽ نه ملي ها ته اڄ عوام جي هيءَ حالت نه هجي ها، عمران نيازي جي آمريڪا سان ويڙهه ڏيکاءَ واري آهي، اندروني طور هي پاڻ ۾ ڀائر آهن