لاهور (م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ فورس تحريڪ انصاف جي مينار پاڪستان تي ٿيندڙ جلسي ۾ حملي جو خدشو ظاهر ڪندي ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.سي ٽي ڊي پنجاب طرفان جاري الرٽ موجب تحريڪ طالبان جي مرڪزي اڳواڻ مڪرم خراساني مينار پاڪستان تي دهشتگردي جو منصوبو تيار ڪيو آهي، دهشتگرد ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي زمان پارڪ، ريلين ۽ مينار پاڪستان جلسي ۾ نشانو بڻائي سگهن ٿا.سي ٽي ڊي خط ۾ چيو آهي ته مڪرم خراساني دهشتگرد عبدالولي خان سان مشاورت کانپوءِ منصوبو ترتيب ڏنو آهي، دهشتگردن 25 آپگهاتي بمبارن سان حملي جي منصوبابندي ڪئي آهي، عبدالولي خان ماضي ۾ لاهور شهر ۾ ڪيترائي ڌماڪا ڪري چڪو آهي.خط موجب دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ اهم ملڪيتن کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا، سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سخت سيڪيورٽي انتظام ڪن.