گورنر پنجاب جي شاعر شاڪر شجاع آبادي سان ملاقات،ستاره امتياز ملڻ تي مبارڪون

لاهور(م ڊ) پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان سان ڪالهه گورنر هائوس لاهور ۾ سرائيڪي زبان جي ناليواري شاعر شاڪر شجاع آبادي ملاقات ڪئي. پنجاب جي گورنر شاڪر شجاع آبادي کي 23 مارچ تي ستاره امتياز ملڻ تي مبارڪون ڏنيون. ملاقات دوران شاڪر شجاع آبادي پنجاب جي گورنرکي پنهنجو نئون ڪلام پڻ ٻڌايو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پنجاب جي گورنر چيو ته اوهان اسان جو فخر ۽ ملڪ جو قيمتي اثاثو آهيو، اوهان جهڙي طرح پنهنجي شاعري جي ذريعي پيڙهيل طبقي جا مسئلا بيان ڪيا اهي قابل تحسين آهن.

 عمران خان جي ڀاڻيجي حسان نيازي جي ضمانت منظور

ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا جي عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان  جي فوڪل پرسن ۽ سندس ڀاڻيجي حسان نيازي جي ضمانت منظور ڪري ورتي. ڪالهه ڪوئيٽا جي جڊيشل ميجسٽريٽ ٿري جي عدالت عمران خان جي ڀاڻيجي ۽ فوڪل پرسن حسان نيازي جي هڪ لک روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حسان نيازي کي ضلعي عدالت ۾ جڊيشل ميجسٽريٽ ٿري جميل احمد جي آڏو پيش ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.