مڪه مڪرمھ(م ڊ) سعودي عرب ۾ حرمين الشريفين انتظاميه رمضان المبارڪ دوران مسجد الحرام ۾ عورت زائرين جي خدمتن لاءِ وڏي تعداد ۾ عورت اهلڪارن کي مقرر ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق انتظاميه جي عورت زائرين جي معاملن بابت معاون سيڪريٽري وضحه بنت عبدالرحمان عسيري ٻڌايو ته عورت زائرين جي اچ وڃ لاءِ 22 دروازا مختص ڪيا ويا آهن. مسجد الحرام کان اندر ۽ ٻاهر 68 مصلا تيار ڪيا ويا آهن. هن چيو ته عورت زائرين جي سهولت لاءِ مصلا تيار ڪيا ويا آهن ۽ اچ وڃ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ راهداريون ٺاهيون ويون آهن.
والاريل ڪشمير جي ميداني علائقن ۾ برسات، برفباري
سرينگر(م ڊ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ميداني علائقن ۾ برسات جڏهن ته مٿانهين علائقن ۾ تازي برفباري ٿي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق والاريل علائقي جي موسميات کاتي جي هڪ آفيسر ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اڄ صبح ساڍي 8 وڳي تائين سرينگر، قاضي گنڊ، پهلگام، ڪپواڙه، ڪوڪرناگ، گلمرگ، ڄمون، بانهال، بنوٽ، ڪڙه، ڀدرواه، ڪٺوعه ۽ ٻين ميداني ۽ مٿانهين وارن علائقن ۾ برسات ۽ برفباري ٿي. موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ميداني علائقن ۾ هلڪي برسات جڏهن ته مٿانهين وارن علائقن ۾ وڌيڪ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي
ڪراچي: وڌيڪ اگهن تي ضلعي انتظاميا جون ڪارروايون، 15 لک 3 ھزار کان وڌيڪ ڏنڊ
ڪراچي(رپورٽر) رمضان شريف جي ٽئين روزي واري ڏينھن تي ڪراچي جي سڀني ضلعن ۾ ضلعي انتظامياجي آفيسرن پاران منافعي خور ۽ سرڪاري اگھه جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون. ڪارروائين دوران 205 منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جن مان ٻه منافعي خور گرفتار ڪيا ويا ٻن منافعي خورن جا دڪان سيل ڪيا ويا ٻئي منافعي خور ضلعي ڏکڻ مان گرفتار ڪيا ويا ۽ ٻئي دڪان ضلعي ڪورنگي ۾ سيل ڪيا ويا. مجموعي طور ڪارروائي دوران منافعي خورن تي 15 لک 3 ھزارن کان وڌيڪ ڏنڊ ھنيو ويو. اٽو وڪڻندڙ 12 دڪاندارن تي ھڪ لک 15 ھزار جڏھن ته 11 بيڪري وارن تي ٻـ لک 15 ھزار 39 پولٽري وارن تي ٻـ لک 45 ھزار 25 گروسري جي دڪاندارن تي ٻـ لک 59 ھزار 13 گوشت وارن تي ھڪ لک 8 ھزار جڏھن تـ 20 ڀاڄين جي دڪاندارن تي ھڪ لک 15 ھزار ۽ 37 فروٽ وڪرو ڪندڙ دڪاندارن تي ھڪ لک 40 ھزار ۽ 49 کير وڪرو ڪندڙ دڪاندارن تي ھڪ لک 61 ھزار روپيا ڏنڊ ھنيو ويو .ڪمشنر ڪراچي شھرين کي اپيل ڪندي چيو آھي تـ منافعي خورن ۽ سرڪاري اگھه جي خلاف ورزي ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪمشنر ڪراچي جي ڪنٽرول روم وارن نمبرن 02199203443 يا 02199205645 تي پنھنجي شڪايت درج ڪرائن . ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ سڀني ڊپٽي ڪمشنرز کي ھدايتون ڏيندي چيو آھي تـ ھو شھرين جون سرڪاري اگھه جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف شڪايتون ٻڌن ۽ انھن جو ازالو ڪن
آمريڪا: چاڪليٽ فيڪٽري ۾ ڌماڪو، 2 ماڻهو فوت ، ڪيترائي گم
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ هڪ چاڪليٽ فيڪٽري ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق مقامي ايمرجنسي عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن آمريڪي رياست پنسلوانيا جي برڪس ڪائونٽي ۾واقع آر ايم پامر ڪمپني ۾ ڌماڪي ۽ باهه لڳڻ سبب 2 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا. هن ٻڌايو ته ريسڪيو ٽيمن 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته ٻين جي تلاش جاري آهي.
ٻوڏ ۾ بي گهر ٿيڻ باوجود سنڌين احتجاج نه ڪيو، صبر کي سلام: گورنر
ڪراچي(م ڊ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ٻوڏ ۾ 21 لک ماڻهو بي گهر ٿيڻ باوجود سنڌين احتجاج نه ڪيو آهي سنڌي قوم جي صبر ۽ سهپ کي سلام ڪيان ٿو، سنڌ ۾ اڄ به 1947 واري صورتحال آهي، سڄي سنڌ گهمي ڏٺم ڪٿي هڪ روپيو به خرچ نه ڪيو ويو آهي،گورنر سنڌ هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڏوهه مراد علي شاهه جو نه پر سسٽم جو آهي، عمران خان جهڙو ماڻهو به پنهنجا وعدا پورا نه ڪري سگهيو ته ٻيو ڪير ڪندو؟سسٽم کي تبديل ڪرڻو پوندو، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هڪ ٻئي سان مِٽيون مائٽيون ڪن ٿا، نفرتون اهي پکيڙين ٿا جن کي سياست چمڪائڻي آهي، ڪراچي ۾ ڪو به نئون ڳوٺ نه ٺهڻ گهرجي، اڳواٽ موجود ڳوٺن کي حق ملڻ گهرجن، مڪمل اتفاق راءِ ٿيڻ تائين نئين صوبي جي ڳالهه ئي نه ڪرڻ گهرجي
پيوٽن جي گرفتاري ڪوشش کي اعلان جنگ سمجهيو ويندو: اڳوڻو روسي صدر
برلن(م ڊ) اڳوڻي روسي صدر دمتري مديدوف تنبيهه ڪئي آهي ته صدر پيوٽن کي پرڏيهه ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش کي اعلان جنگ سمجهيو ويندو ۽ مثال طور جيڪڏهن جرمني ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو ته جرمن پارليامنٽ روسي ميزائلن جي نشاني تي هوندي. جرمن نشرياتي اداري مطابق مدويدوف ٽيلي گرام تي پوسٽ ڪيل هڪ ويڊيو ۾ چيو آهي ته بين الاقوامي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) گذريل هفتي روسي صدر ولاديمير پيوٽن خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪيو آهي، اميد آهي ته اهڙي صورتحال ڪڏهن پيش نه ايندي، پر تصور ڪيو ته جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اهو روسي فيڊريشن خلاف اعلان جنگ هوندو. هن چيو ته تصور ڪيو ته جيڪڏهن ايئن ٿيو، مثال طور تي ايٽمي ملڪ جو موجوده سربراهه ڪنهن ٻئي ملڪ جي دوري تي هجي مثال جرمني جي دوري تي ۽ کيس گرفتار ڪيو وڃي ته ان صورت ۾ اسانجي سمورن هٿيارن، اسانجي ميزائل وغيره جو رخ جرمن پارليامنٽ، جرمن چانسلر جي آفيس ڏانهن هوندو.
ايم ڪيو ايم لنڊن جا 2 اهم عهديدار گرفتار
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٻن اهم عهديدارن کي گرفتار ڪري ورتو.ذريعن موجب ايم ڪوم لنڊن برنس روڊ جي اڳوڻي سيڪٽر انچارج شاڪر لنگڙا کي ڪي ايم سي بلڊنگ ڀرسان حراست ۾ ورتو ويو جڏهن ته گلشن اقبال جي اڳوڻي سيڪٽر انچارج عامر صديقي عرف مامو کي گلشن گلشن 13 ڊي مان حراست ۾ ورتو ويو.شآڪر لنگڙا تي ڏکڻ ضلعي ۾ چاڪنگ ۽ سرگرمين جو الزام آهي.عامر مامو ۽ شاڪر لنگڙا ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز بهادرآباد تي احتجاج ۾ بدامني جي منصوبابندي ڪئي، ٻئي اڳواڻ ايم ڪيو ايم لنڊن جو نيٽ ورڪ هلائي رهيا هئا.
ڪراچي ۾ ٿاڻي جي ڇت تان بازياب ڪرايل ٽن شهرين جو اغوا ڪيس داخل
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾پوليس هٿان ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٽن شهرين جي نارٿ ناظم آباد ٿاڻي جي ڇت تان بازيابي بعد ڄاڻايل ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، سخاوت نالي شهري جي مدعيت ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ پوليس جي اهلڪارن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو.