ڄام شوري مان ڊرامائي انداز ۾بازياب ٿيل ناري ٻيهر اغوا، مزاحمت تي ڀاءُ زخمي

ڄام شورو (ڊ ر)ڄام شورو جي نور شاھ ڪالوني مان ٽي هفتا اڳ اغوا ڄاڻايل ناري ڪومل زر بي بي پنجاب جي علائقي صادق آباد مان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي پنهنجي والدين وٽ پهتي، جيڪا پنهنجي ڀاءُ فياض بروهي  سان گڏ موٽر سائيڪل ذريعي بروهي ڳوٺ کان ڄام شورو ڦاٽڪ طرف وڃي رهي هئي ته انڊس هاءَ وي تي بختاور اسپتال وٽ موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن ناري کي اغوا ڪيو. مزاحمت تي جوابدارن ناريءَ جي ڀاءُ فياض بروهي کي گولي هڻي زخمي ڪري ناري کي زبردستي موٽرسائيڪل تي ويهاري اغوا ڪري ويا، جڏهن ته ناري کي اغوا ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿي ته ٻه هٿياربند نوجوان قياض بروهي کي زخمي ڪرڻ بعد ناري کي اغوا ڪري وڃي رهيا آهن. ناري جي وارثن موجب ضمير کوکر ۽ امير کوکر پسٽل جا فائر ڪري فياض پٽ محمد رفيق بروھي کي زخمي ڪرڻ بعد ناري کي اغوا ڪيو. هنن چيو ته ڪجهھ ڏينهن اڳ اسان جي نياڻي ڪومل کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي ڪورٽ جي حڪم تي آزاد ڪرايو. هنن چيو ته اسان جي نياڻي کي ٻيهر اغوا ڪيو ويو، نياڻي بازياب ڪرائي تحفظ ۽ انصاف ڪيو وڃي. پوليس موجب سڱاوتي تڪرار تان معاملو پيش آيو آهي، ڪومل ڪجهه ڏينهن اڳ گهر ڇڏي چاهيندڙ سان نڪري وئي هئي، جنهن جي اغوا جو ڪيس پڻ ڄامشورو ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، جيڪا ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر اغوا ٿي وئي آهي، اغوا ڪرڻ واري سان سندس مڱڻي ٿيل آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.