چڙيا گهر جي هاٿي جي سنڀال، علاج بابت رپورٽ طلب

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ڪنهن کي به غلط ڪم ڪرڻ نه ڏيندا، ڪراچي جي هاٿي نورجهان جي علاج ۽ سار سنڀال بابت جاچ ڪئي ويندي، سياسي سهڪار جو الزام صحيح ناهي، جاچ ۾ جيڪو به ڏوهي ثابت ٿيندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ٽن ڏينهن اندر چڙيا گھر جي هاٿي جي سنڀال، کاڌ خوراڪ ۽ علاج بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪري، هاٿي جي علاج لاءِ عالمي اداري فورپا جا ماهر 4 کان 5 ڏينهن ۾ ڪراچي پهچندا، مان بلديات واري وزير سان گڏ چڙيا گھر آيو آهيان ته جيئن ڪا انتظامي غفلت هجي ته ان کي ختم ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سان دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيد سيف الرحمان، ميونسپل ڪمشنر سيد شجاعت حسين ۽ زو جي ڊائريڪٽر خالد هاشمي ۽ ٻيا آفيسر گڏ موجود ھئا، ان کان اڳ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه هاٿي نورجهان ۽ چڙيا گھر جو معائنو ڪري دورو ڪيو، گورنر چيو ته ھتي اچڻ جو مقصد سوشل ميڊيا تي ھلندڙ خبرن جي جاچ ڪرڻ آھي، چڙيا گھر جي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هاٿي جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت نه ڪئي وڃي، هي بي زبان جانورن جو مسئلو آهي ۽ هو ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، سيد ناصر حسين شاهه چيو  ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چِڙيا گھر جي نورجهان جي خاص خيال ۽ علاج جي هدايت ڪئي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن فنڊن جي کوٽ آهي ته هو ذاتي طور تي پئسا موڪلي رهيو آهي، هن چيو ته جانورن جي علاج لاءِ ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ معياري اسپتال ٺاهي ويندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.