ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ٽيپو سلطان روڊ واري علائقي ۾ علائقي واسين هڪ ريسٽورنٽ تي حملو ڪري شيشا ٽوڙي ڇڏيا، پوليس موجب جهيڙو ڪرڪيٽ کيڏڻ دوران ٿيو ريسٽورنٽ ملازم جو بال هڪ واٽهڙو کي لڳو، جنهن تان جهيڙو ٿي پيو ريسٽورنٽ جي عملي واٽهڙو تي تشدد ڪيو، جنهن بعد متاثر شهري پنهنجي ساٿين سان گڏجي ريسٽورنٽ تي حملو ڪري ڏنو ۽ ريسٽورنٽ جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. پوليس جو چوڻ هو ته واقعي کان پوءِ ريسٽورنٽ ۽ علائقي واسين ۾ ٺاھ ٿي ويو آهي.