سنڌ ۾ ميت بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت  ميت بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾سرڪاري سطح تي ايمبولينس  سروس فراهم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، صحت واري سيڪريٽري  عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.صحت واري سيڪريٽري  طرفان جمع ڪرايل  جواب ۾ چيو ويو ته  سنڌ حڪومت ميت بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڏس ۾سنڌ جي 29 ضلعن ۾ 25 ميت گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو ته لاش منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس استعمال نه ڪئي ويندي. ياد رهي ته ننڍن شهرن کان ڪراچي يا حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ۾ علاج لاءِ ايندڙ ماڻهن جي وارثن کي سندن پيارن جي لاڏاڻي تي تمام وڏو خرچ برداشت ڪرڻو پوندو آهي ۽ سندن مڙهه کي واپس اباڻي علائقي ڏانهن آڻڻ لاءِ پرائيويٽ ايمبولينس سروس فراهم ڪئي ويندي آهي، جن کان ڊرائيور ڳرو ڀاڙو وصول ڪندا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.