اسلام آباد (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان مينار پاڪستان ۾ فارين فنڊنگ، توشه خانه چوري ۽ ٽيريان کي سنڀالڻ واري معاملي تي به روشني وجهي ۽ قوم کي ٻڌائي ته چار سال مهانگائي، بيروزگاري ۽ تباهي جي ڌٻڻ ۾ پاڪستان کي ڪيئن ڦاسايائين ۽ ملڪ ڪيئن لٽيائين، فتني باز، فسادي ۽ دهشتگرد کان قوم کي حقيقي آزادي ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڇنڇر ڏينهن عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته جنهن ملڪ کي تباهي ۽ ورهاڱي جي ڌٻڻ ۾ پاڻ وڌو هجي اهو ان کي ڪڍي نه ٿو سگهي، هو رڳو فراڊيا ۽ دهشتگرد ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اوهان جي حقيقي آزادي جانور، نيوٽرل، جنرل باجوه جي تاحيات ايڪسٽينشن کان وٺي شهباز شريف کان ٿيندي محسن نقوي ۽ امريڪا کان معافين تائين پهتي جيڪا اڄ حقيقي طور تي دفن ٿي چڪي آهي