مفتي عبدالقيوم جو قتل ذاتي دشمني قرار،2 ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ مارجي ويل مفتي عبدالقيوم جي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي  دعويٰ ڪري ڇڏي،.ذريعن جو چوڻ آهي ته مفتي عبدالقيوم کي فائرنگ جو نشانو بڻائيندڙ ٻن جوابدارن کي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران گرفتار ڪيو ويو.ان حوالي سان ڊي آءِ جي ايسٽ مقدس حيدر ۽ ايس ايس پي ايسٽ زبير نظير شيخ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.ڊي آءِ جي ايسٽ مقدس حيدر جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن ۾ علي اڪبر عرف شاهد ۽ تنوير شامل آهن، جوابدار علي اڪبر عرف شاهد ۽ تنوير مفتي عبدالقيوم کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، جوابدارن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.هن چيو ته مفتي عبدالقيوم جو قتل پلاٽ جي تڪرار جو نتيجو آهي، سندس قتل ۾ اجرتي قاتلن کي  استعمال ڪيو ويو.ڊي آءِ جي مقدس حيدر چيو ته مکيه شوٽر اڪبر  اڳ به سياسي ۽ مذهبي پارٽين لاءِ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندو رهيو آهي، ڊي آءِ جي ايسٽ مقدس حيدر ٻڌايو ته ٻئي جوابدار ڪرائي  جا قاتل آهن ، ۽ کين 5  لک رپيا رقم ڏني وئي.مقدس حيدر جو چوڻ هو ته هي ڪا مذهبي يا فرقيوار ٽارگيٽ ڪلنگ ناهي، ٻنهي جوابدارن مولانا کي قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي، پلاٽ جي  تڪرار تان مفتي عبدالقيوم کي قتل ڪيو ويو. ياد رهي ته مفتي عبدالقيوم کي ڪجهه ڏينهن اڳ گلستان جوهر بلاڪ 9 ويجهو فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.