لانڍيءَ ۾فائرنگ، 2 دوست مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽر) لانڍي جي علائقي گلشن بونير ۾ فائرنگ سبب 2 دوست مارجي ويا.پوليس جو چوڻ هو ته ذاتي دشمني تان نوجوانن کي  قتل ڪيو ويو.پوليس موجب جليل ۽ عبدالله پلاسٽڪ جي گدام ۾ لوڊو کيڏي رهيا هئا ته هڪ اڻڄاتل شخص اندر داخل ٿيو ۽ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو، واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم پستول جي گولين  جا ٻه خول هٿ ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.