گمس اسپتال جي اسٽور کي باهه لکين رپين جون دوائون سڙي رک

فقير آباد (ن ع آ) فقير آباد ڀرسان گمس اسپتال جي ريپڊ سينٽر جي ميڊيڪل اسٽور ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باه لڳي وئي. اسٽور ۾  پيل لکين روپين جو دوائون سڙي رک ٿي ويون، باه سبب ريپڊ سينٽر سنيٽر سميت ٽي منزل فلور ايمرجنسي بنيادن تي خالي ڪرايا ويا. مريضن کي ٻين وارڊن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته معمول موجب صبح جي وقت اسپتال جو دورو ڪري رهيو هيس ته اچانڪ ڄاڻ ملي ته ريپڊ سينٽر ۾ باه لڳي آهي، فلفور فائر برگيٽ عملي کي ڄاڻ ڏني. هڪ ڪلاڪ تائين ڪو به فائربگيڊ عملو نه پهتو ڊي سي خيرپور کي ڪالون ڪيون پر فون اٽينڊ نه ڪيو ۽ رابطو نه ڪيو آهي. ريپڊ سينٽر ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باه لڳڻ ڪري آپريشن جو سامان ۽ ٻيون لکين روپين جون دوائون سڙي رک ٿي ويو آهي. ريپڊ جي چئني يونٽن مان مريضن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. اوٽيز ۾ هلندڙ آپريشن کي ٻين اوٽيز ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي. فرسٽ فلور تي او پي ڊي هلندڙ هئي جتي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ڊاڪٽر مريضن کي تپاسيندا آهن. ان کي به ايمرجنسي بنيادن تي خالي ڪرايو ويو هو. سيڪنڊ فلور تي جنرل سرجري، آرٿو جا مريض، پيڊس جي سرجري وارا مريض ۽ ٻين مريض وارڊن ۾ موجود هئا. جن کي به ٻين وارڊن ۾ شفٽ ڪرائي بلڊنگ خالي ڪرائي هئي. الله جي فضل سان ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. مختلف وارڊن مان شفٽ ڪيل مريضن کي لاڳاپيل وارڊن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.