دادو ۾ منافي خورن خلاف ڪارروائي، ڏنڊ وصول

دادو( ڊ ر ) دادو ۾ هٿرادو مهانگائي جي عوامي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر دادو ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي پاران دادو شهر جي مختلف ڪاروباري مرڪزن جو دورو ڪيو ۽ هٿرادو مهانگائي ڪندڙ ڪيترن ئي دڪاندارن مٿان ڏنڊ وڌا، جڏهن ته 2 يوٽيلٽي اسٽورز جي انچارجن کي گرفتار ڪري دادو اي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر دادو ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي اوچتو هڪ يوٽيلٽي اسٽور جي گدام تي ڇاپو هنيو جتي ڪڻڪ جي اٽي جو وڏو مقدار موجود هو انتظاميه فوري طور تي گدام انچارج اڪرم پٺاڻ ۽ رياض ڏاهري کي حراست ۾ ورتو هن پاران عوامي شڪايتن تي اهڙي قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وئي، ٻئي طرف دادو ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ۾ کاڌي پيتي جي شين جو اسٽاڪ ڪرڻ ۽ اٽي جو مختلف دڪانن تي وڪرو ڪرڻ جي جاچ جو چيف سيڪريٽري سنڌ سميت ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو پاران منافع خورن خلاف قانوني ڪارواين جي لاءِ مليل هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر دادو عملي طور تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.