ڀان سيدآباد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ اقبال حسين جنڊاڻ پاران هوٽلن ۽ دوڪانن تي اوچتا ڇاپا هنيا، رمضان مبارڪ دوران کليل هوٽلن کي بند ڪرائي ڏنڊ وڌو ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال حسين جنڊاڻ، مختيارڪار عبدالحميد نهڙيو ۽ ون فائيو مددگار ٽيم انچارج منظوردل پوليس نفري سميت ڇاپا هنيا. سبزي، فروٽ، سميت ڪرياني جي دوڪانن تي ڇاپا هڻي وڌيڪ اگهہ وٺندڙن تي ڏنڊ وڌو ويو، اي سي جو چون هو ته اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.