ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ گلوڪارا ريحانه جي گهر هڪ مداح شادي جي خواهش جو اظهار ڪرڻ پهچي ويو، مداح طرفان گهر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش تي سيڪيورٽي گارڊن کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اڻڄاتل شخص ڏکڻ ڪيرولينا مان لاس اينجلس پهتو ۽ کيس رات ساڍي 12هين وڳي گلوڪارا جي گهر ۾ گهڙڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو.
پوليس ٻيهر ائين نه ڪرڻ جي تنبيهه ڪندي ان کي ڇڏي ڏنو، ڇو ته ان ڪو قانون نه ٽوڙيو هو.
رپورٽن موجب اڃا اها خبر ناهي پئجي سگهي ته واقعي وقت ريحانه، سندس دوست ۽ ان جو هڪ سال جو پٽ گهر موجود هئا يا نه.