اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف مفت اٽي جي اسڪيم ۾ رجسٽرڊ نه ٿيل اهل ماڻهن جي فوري رجسٽريشن جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ رمضان پيڪيج تي نظرثاني اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ مفت اٽي لاءِ رجسٽرڊ نه ٿيل مستحق ماڻهن جي فوري رجسٽريشن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته نادرا ۽ بي آءِ ايس پي اٽي جي ورهاست واري هنڌن تي رجسٽريشن لاءِ ڪائونٽر قائم ڪن.
وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ دوران غريبن جي ڏکيائين کي گهٽ ۾ گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، مفت اٽي جي ورهاست 25 رمضان تائين جاري رهندي.