اوٻاوڙي ويجهو راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شر ۽ ڪوش برادرين ۾ خوني تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو
شهيد دين محمد لغاري ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان شر برادري جي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عارب ڪوش موقعي تي ئي مارجي ويو ۽ معشوق ڪوش زخمي ٿي پيو
واقعي کانپوءِ جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس اطلاع تي پهچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارث لاش ڳوٺ کڻائي ويا
واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه وقت اڳ چوري جي معاملي تي ڪوش برادري پاران شر برادري جو هڪ ڄڻو قتل ڪيو ويو هو جنهن جي پلاند ۾ شر برادري اڄ اهڙو حملو ڪيو
You might also like