ٽنڊي غلام حيدر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڀلاري مهيني ۾ شهرين کي رليف ڏيڻ لاءِ بچت بازار قائم ڪئي آهي
رمضان بچت بازار ۾ شهرين کي سهولتون ڏيڻ لاءِ سستي اٽي، دال، کنڊ، گيهه ۽ چانورن سميت ٻين شين جا اسٽال لڳايا ويا آهن، جتي ماڻهو خريداري ڪري منافعي خورن کان بچي سگهي ٿو
ان موقعي تي اي سي سڪندر مهيري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار جي هدايتن تي تعلقي جي مختلف شهرن ۾ بازارو قائم ڪيون پيا، غريب ماڻهن کي رليف ڏنو ويندو
هنن چيو ته ڀلاري مهيني ۾ بچت بازار ۾ واپارين جي شرڪت منافعي خورن کي مات ڏني آهي، تعلقي واسي بچت بازار مان فائدو وٺن
You might also like