ڪيلا کائڻ ۾ سڀني کي وڻندا آهن خاص ڪري ٻار انهن کي وڏي شوق سان کائيندا آهن ڇو ته اهي کائڻ ۾ نرم هوندا آهن. ڪيلن کي نه ڌوئڻو پوندو آهي ته ڪٽڻ لاءِ ڇري جي ضروري پوي ٿي نه ئي وري ڪو ٿانوَ گهرجي جنهن ۾ ڪيلي کي وجهي کائجي، اهو ئي سبب آهي ته ڪيلو کائڻ ۾ ٻين فروٽن جي ڀيٽ ۾ سولو آهي. نه رڳو کائڻ ۾ سولو پر ڪيلا جا صحت لاءِ به حيران ڪندڙ فائدا آهن جن بابت اسان هتي ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪري چڪا آهيون، پر اڄ اسان جنهن ڳالهه جو ذڪر ڪنداسين اها نه اسان ئي ڪڏهن هتي ٻڌائي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته نه ئي ڪنهن کي گهڻي خبر هجي.
اڄ اسان ڪيلي جي ان ڪاري داغ بابت ٻڌائينداسين جيڪو ڪيترائي ماڻهو ناهن کائيندا، ڪيلي جي کَل لاهڻ کانپوءِ جيڪڏهن اندران ڪيلو ڪارو نڪري ته ان ۾ موجود داغ کي يا ماڻهو ڪٽي اڇلائيندا آهن يا وري سڄو ڪيلو کي ناهن کائيندا. جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اهو چوندا آهن ته ڪيلو گهڻو پڪل آهي، اها ڪاراڻ وارو داغ ان جو نشان آهي ۽ اهي ماڻهو سڄي جو سڄو ڪيلو ان ڪاراڻ سميت کائي ويندا آهن.
پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اهو ڪاراڻ وارو ڪيلي جو ٽڪرو اصل ۾ ڇو ٿيندو آهي؟
هلڪا پَڪل
جيڪڏهن ڪيلي جو اندريون حصو هلڪو ڀورو هجي ته ماهرن چون ٿا انکي کائڻ سان ڪي به نقصان ناهن، اهي تيز پڪل ڪيلي جي نشاني آهي. جيئن ته ڪيلن ۾ آئرن موجود هوندي آهي انڪري اهو تيزي سان پچي ويندو آهي ۽ ان جو رنگ مٽجي ويندو آهي. پڪل ڪيلن ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس جو گهڻو مقدار موجود هوندو آهي جيڪو سيلن کي خراب ڪرڻ وارو عمل سست ڪري ۽ مدافعتي قوت کي وڌائي ٿو.
ڪيلي جي ڪاراڻ
جيڪڏهن ڪيلا گهڻي ڪاراڻ واري صورت اختيار ڪري ڇڏين ته انهن کي نه واقعي به نه کائڻ گهرجي. ماهرن جو چوڻ آهي انهن ڪيلن ۾ بليڪ سينٽر سينڊروم يا فنگل لڳي ويندو آهي جيڪو ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ڪرڻ سان گڏ زهريلا به هوندو آهي.
انڪري جيڪڏهن توهان ڪيلي ۾ موجود ڪاراڻ کي ناهيو کائيندا ته اهو سُٺو عمل آهي، اها توهان جي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي.