اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي حڪومت کي ٽيلي ڪام سامان جي درآمد لاءِ ايل سيز کولڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
مير خان محمد جمالي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پي ٽي اي اختيارين ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن ۾ سروس جي مسئلن تي ڪمپنين کي 37 شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، ڪراچي ڏکڻ ۾ سروس جا مسئلا سامهون آيا آهن، جڏهن ته چترال ۾ سروس جا مسئلي تي ٻه سروي ڪيا ويا.
پي ٽي اي اختيارين ٻڌايو ته پارليامينٽ لاجز ۾ انٽرنيٽ ڪوريج بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا، عمارت جي بيهڪ اهڙي آهي جو سروس جا ايشوز اچي رهيا آهن، ٽيڪنيڪي مسئلن سبب سڄي عمارت ڪور نٿي ڪري سگهجي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ميمبر ٻڌايو ته ٽيلي ڪام اوپن مارڪيٽ آهي، ٽيرف جو فيصلو پي ٽي اي يا وزارت ناهي ڪندي.
ڪميٽي ميمبر مهيش ڪمار چيو ته ٿر ۾ هاڻ وزيراعظم ويو ته موبائل نيٽ ورڪ نه هو، وزيراعظم به پڇيو ته موبائل سروس ڇو ناهي؟
پي ٽي اي اختيارين ٻڌايو ته ڪوئيٽا زون ۾ ٽاور لڳائڻ جي اجازت ٻن سالن کان ناهي ملي، ڪوئيٽا ريڊ زون ۾ 28 سيف سٽي پاور لڳا آهن، جنهن تي ڪميٽي ڪوئيٽا ريڊ زون ۾ ٽاور لڳائڻ جي اجازت ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
ڪميٽي ميمبر چيو ته شڪر ڳڙهه ۽ نارووال جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موبائل سروس ناهي، جنهن تي پي ٽي اي اختيارين ٻڌايو ته سرحدي علائقن ۾ 3 ڪلو ميٽر جي حدن ۾ ٽاور نٿو لڳي سگهي، اڳ ۾ اها حد 10 ڪلو ميٽر هئي، هاڻ 3 ڪلو ميٽر ڪئي وئي آهي، سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي انهن علائقن ۾ موبائل سروس جا ايشوز ايندا آهن.
ڪميٽي حڪومت کان ٽيلي ڪام سامان جي درآمد لاءِ ايل سيز کولڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.