قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي کي وڏي دل وارو انسان سمجهيو ويندو آهي، هو راندين جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سان گڏ ڀلائي جي ڪمن ۾ مصروف رهندو آهي، جنهن جي سخاوت جو داستان اڳوڻي ڪرڪيٽر عمران نذير ٻڌايو آهي.
پاڪستان لاءِ 8 ٽيسٽ، 79 ون ڊي ۽ 25 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل کيڏندڙ عمران خان گذريل سال پهريون ڀيرو پنهنجي بيماري جو انڪشاف ڪيو هو، جڏهن ته هاڻ هن وڌيڪ تفصيل ٻڌايا آهن.
هڪ پروگرام ۾ عمران خان ٻڌايو ته جڏهن منهنجي ايم آر آءِ اسڪين ٿي ته خبر پئي مون کي انتهائي سست رفتار زهر ڏنو ويو آهي، اهو توهان جي سنڌن تائين پهچندو آهي، 8 کان 10 سالن تائين منهنجي سنڌن جو علاج ڪيو ويو، جيڪي تقريبن خراب ٿي چڪا هئا.
هن چيو ته بيماري دوران الله کان دعا ڪندو هيس ته بستري ڀيڙو نه ڪجان ۽ شڪر آ ائين نه ٿيو، مان 8 کان 10 سالن تائين علاج ڪرايو، ان دوران منهنجو سڄو پئسو ختم ٿي ويو، هڪ اندازي موجب 12 کان 15 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري چڪو هيس.
سندس چوڻ هو ته ان ڏکئي وقت ۾ شاهد آفريدي مون سان گڏ بيٺو رهيو، ان منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي، شاهد مليو ته مون وٽ ڪجهه نه بچيو هو، هن هڪ ڏينهن اندر ڊاڪٽر جي اڪائونٽ ۾ رقم موڪلي ۽ چيو ته ڀلي ڪيترو به پئسو لڳي مون کي پنهنجو ڀاءُ ٺيڪ گهرجي، منهنجي علاج تي هن 40 کان 50 لک رپيا خرچ ڪيا.