موٽرسائيڪل خريد ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ نه رهيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موٽرسائيڪل جيڪا غريبن جي سواري سمجھي ويندي آهي، اها به عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿي وئي آهي، جنهن جا اگهه آسمان ڇهي رهيا آهن.

گذريل سال وڪرو ٿيندڙ 70 سي سي موٽرسائيڪل جو اگهه 94 هزار 900 مان وڌي 1 لک 45 هزار رپيا جڏهن ته 125 سي سي موٽرسائيڪل جو اگهه 1 لک 52 هزار مان وڌي 2 لک 15 هزار ٿي ويو آهي.

نجي ڪمپني موجب موٽرسائيڪلن جي اسيمبلي پاڪستان ۾ ٿيندي آهي پر ان ۾ استعمال ٿيندڙ ايلومينيم سميت ڪيترائي اسپيئر پارٽس جاپان مان امپورٽ ڪيا ويندا آهن.

ٻئي طرف شهرين جو چوڻ آهي ته هاڻ هو موٽرسائيڪل خريد ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن، ان ڪري هو اڪثر سفر پيادل يا بس ذريعي ڪن ٿا.

شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته موٽر سائيڪلون سستيون ڪيون وڃن ته جيئن شهرين کي سستي سفري سهولتون ملي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.