واٽس ايپ ۾ ئي نئون اڪائونٽ، هٿرادو ذهانت جي اهم فيچر جي واڌ

واٽس ايپ دنيا ۾ ٻه ارب کان مٿي واهپيدارن جي پسنديده سماجي رابطن واري ويب سائيٽ آهي. انتظاميا پنهنجي ايپليڪيشن ۾ آئي ڏينهن واهپيدارن جي سهولتن لاءِ تبديليون آڻيندي رهندي آهي جن کي واهپيدار پسند ڪرڻ سان گڏ انهن مان فائدا به وٺندا رهندا آهن.

اهڙي ئي حوالي سان هاڻي انتظاميا واٽس ايپ ۾ هٿرادو ذهانت تي ٻڌل هڪ اهڙي فيچر جي واڌ ڪئي آهي جيڪو هن وقت تائين خيال ئي هيو.

واٽس ايپ واهپيدار هاڻي واٽس ايپ سان به ڳالهائي سگهن ٿا، جي ها.

انتظاميا پنهنجو آفيشل واٽس ايپ اڪائونٽ تيار ڪيو آهي جيڪو ان پليٽ فارم جي واهپيدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.

اهو واٽس ايپ جو اهڙو فيچر آهي جيڪو آءِ فون ۽ اينڊرائيڊ واهپيدارن جي لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.

في الحال اهو محدود واهپيدارن جي لاءِ دستياب آهي پر تمام جلد واهپيدارن جي اڪائونٽن تي واٽس ايپ جي آفيشل اڪائنٽ جا ميسيج نظر ايندا.

ان اڪائونٽ واهپيدار پاڻ نٿا ڳولي سگهن پر واٽس طرفان ئي ميسيج ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ توهان چيٽ اسٽارٽ ڪري سگهو ٿا.

اڪائونٽ جي ذريعي واهپيدارن کي نئين اپ ڊيٽس سميت ٻين شين بابت آگاهي ڏني ويندي.

واٽس ايپ اڪائونٽ جي پهرين ميسيج ۾ ڊس اپيئرنگ ميسجز فيچر بابت مختلف شيون ٻڌايون وينديون آهن.

ڏس اپيئرنگ فيچر ٻه هزار ويهه ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن ۾ وقت سان گڏوگڏ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون.

جيڪڏهن ڪو به ماڻهو آفيشل اڪائونٽ جي ميسيجن کان تنگ ٿئي ته انهن کي آرڪائيو ۾ وجهي سگهي ٿو جڏهن ته بلاڪ ڪرڻ جي به سهولت موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.