ڪوٽڙي ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي تشدد خلاف ٽينڪر ڊرائيورز جو احتجاج، ڌرڻو

ڪوٽڙي (ن ع آ ) ڪوٽڙي ۾ ٽينڪر مافيا پاران غير قانوني ڀتي نه ڏيڻ تي ڪيل تشدد خلاف ٽينڪر ڊرائيور روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو. ٽيليگراف ڪالوني ڪوٽڙي ويجھو سمان ڳوٺ وٽ ڪراچي واھ تان ڊرائيورن کان  غيرقانوني پئسا اوڳاڙي ڪندڙن خلاف ڄامشورو ڪوٽڙي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو. ٽئنڪر ڊرائيور روڍ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي جنهن بعد ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي جڏھن ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان  گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مقامي ماڻھن ۽ ڊرائيورن مقصود شورو. عبدالرحيم شورو خليل شورو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته بااثر ماڻھن جا غنڊا هر روز پئسن جي اوڳاڙي لاءِ ڊرائيورن تي تشدد ڪن ٿا، بااثر ۽ هڪ ڊي آءِ جي طاقت جي زور تي غيرقانوني اوڳاڙي ڪري رهيا آھن. هر روز مقامي ڊرائيورن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو. مقامي ماڻھن سان ظلم پيو ٿئي. ڊي سي ڄامشورو معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف قدم کڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.