ٺل ( ن ع آ ) ٺل ۾ شھرين پاران پوليس انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو، سبزي منڊي يونين، جدوجهد ايڪشن ڪامييٽي ۽ شھرين بدامني خلاف سبزي منڊي کان آزاد عوامي پريس ڪلب تي پھتي جتي ٽائرن کي باهيون ڏئي ايس ايڇ او غلام نبي بجراڻي خلاف شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي يونين صدر علي حسن ٻرڙو ،محمد رحيم نوناري ،رفيق سرڪي ،شوڪت جعفري ، عبدالغفور ٻرڙو ،خالق سيال ، وسيم قريشي ، جمال جوش ٻرڙو ،شاھد سرڪي ،مبين قريشي ،دوست علي ،لال محمد منگيءَ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٺل تعلقو ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي، چوريون، ڦرون معول بڻيل آهن ايس ايڇ او غلام نبي بجاراڻي پرائيويٽ بنگلي تائين محدود آھي، ايس ايڇ او جي ڪائي به ڪارڪردگي نٿا ڏسون ڪالهه ھڪ ڏينھن اندر ٽي موٽرسائيڪلون ۽ سبزي منڊي جي واپارين شوڪت جعفري ۽ عبدالخالق سيال کان 75000 ھزار روڪ رقم۽ ٻئي پاسي هندو برادري جي راجا نرمل ۽ پٽ کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي شھرين جي رڙين تي ھڪ لک رقم موبائل فون ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ايس ايس پي نوٽيس وٺي ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪري.