خيرپور(ڊ ر)خيرپور پوليس جو مبينا مقابلو 2 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ هٿيار هٿ ڪيا ويا،ايس ايس پي خيرپور روحل خان کوسو موجب پريالوءِ پوليس خفيه اطلاع تي پيرڳوٺ پريالوءِ روڊ تي ڦر جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن سان مبينا مقابلو ٿيو آهي جنهن ۾ زخمي حالت ۾ 2 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن جي سڃاڻپ بخش علي بروهي ۽ غازي مري ٿي آهي ايس ايس پي موجب گرفتار جوابدار ڏوھ جي ارداي سان بيٺل هئا ته پوليس پارٽي سان مقابلو ٿي پيو سندن قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن گرفتار جوابدارن تي سنگين نوعيت جا ڪيس داخل ٿيل آهن .