گهوٽڪي( رپورٽ: آزاد مهر ) گهوٽڪي علي آباد محلي واسي ثناءُ الله ٻروڙ ۽ ٺل واسي غالب حسين ٻرڙو ڏهرڪي جي عدالت ۾ حاضري تي ويا هئا جتان مبينه طور لاپتا ٿي ويا آھن، ان سلسلي ۾ سندن جي وارث ڀورل ٻرڙو صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ ثناءُ الله ٻرڙو ۽ ٺل واسي مائٽ غالب حسين ٻرڙو ڏهرڪي جي عدالت ۾ حاضري تي ويل هئا، جتان واپس ناهن موٽيا، ٻنهي نوجوانن جا موبائل نمبر به بند پيل آھن، خدشو آھي. ته کين اغوا ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو ۽ ٻين وس وارا نوٽيس وٺن.
-
آريجن ۾ دعوت اسلامي پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ راشن ڏنو
خير محمد آريجا ( ن ع آ ) دعوت اسلامي جي شعبي ايف جي آر ايف مرڪزي قيادت ٻوڏ متاثرن کي نه وساريو گذريل 6 مهينن کان خدمت جاري، جڏهن ته ان سلسلي ۾ دعوت اسلامي تعلقي باقراڻي جي اڳواڻن طرفان موڪليل ٻوڏ متاثرن لاءِ راشن تعلقي باقراڻي جي اڳواڻن علامه مولانا صدام حسين مدني عطاري، محمد اسلم عطاري، عبدالرزاق عطاري، غلام ياسين عطاري، علي مصعب ابڙو ۽ ٻين باقراڻي تعلقي جي مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثر غريب ماڻهن ۾ راشن ۽ ٻيو ضروري سامان تقسيم ڪيو ويو، ٻوڏ متاثر غريبن ۾ سرهائي، ان موقعي تي دعوت اسلامي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي مذهبي تنظيم دعوت اسلامي جو اصل مقصد مون کي پنهنجي ۽ سموري دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي ۽ دين اسلام ۽ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آهي.
-
مڪلي ويجهو ڪوچ ۽ ڊمپر ۾ٽڪر، 10 ڄڻا زخمي
مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) مڪلي باءِ پاس تي حادثو، عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 10 کان وڌيڪ زخمي. ڪراچي کان بدين ويندڙ اي سي ڪوچ ۽ سامهون ايندڙ ڊمپر وچ ۾ مڪلي باءِ پاس تي ٽڪر، 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ ڪوچ سوار امداد علي، محمد زمان، زاھد، نظر محمد، انورخان، شازيہ، مس ممتاز، محمد زمان ۽ ٻيا شامل آھن، جن مان چار زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي جي اسپتالن ڏانھن روانو ڪيو ويو.