خانپور مهر ۾ رمضان شريف جي ڀڃڪڙي، 6 ڄڻا گرفتار

خانپورمهر ( ن ع آ ) خانپورمهرڀپوليس رمضان شريف جي مهيني دوران شهر ۾ ھوٽل ۽ برياني هلائيندڙن خلاف ڪارروايون ڪري اٽڪل 6  ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو پوليس هوٽل مالڪ پهلوان مهر جو کير پڻ هاري ڇڏيو جڏهن ته پوليس سخي لال برياني سينٽر تي ڇاپو هڻي برياني هلائڻ تي سينٽر مالڪ نامومل سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو بعد ۾ ايس ايڇ او خانپورمهر قابل ڀيو سينٽر مالڪ کي گيتا جو قسم کڻائي آئندہ روزي وقت برياني نه هلائڻ جي شرط تي آزاد ڪري ڇڏيو جڏهن ته اتي موجود ٻين ماڻهن کي پڻ ڪلمو پڙهايو ويو ته هو آئنده روزي دوران برياني سينٽر تي نه اچن ايس ايڇ او موجب شهر ۾ رمضان شريف جي روزي دوران ڪنهن به هوٽل مالڪ يا برياني واري کي چانھ يا برياني هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي رمضان شريف جو احترام سڀني تي فرض آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.