پيروسڻ مان 8 مهينا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نه نڪتو، رهواسي پريشان

پير وسڻ (ن ع آ) پيروسڻ ڀرسان ڳوٺ ابراهيم خاصخيلي مان 8 مهينا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، ڳوٺاڻا عذاب واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن سهيل،  روشن، رستم، عطامحمد خاصخيلي پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته برسات کي 8 مهينا گذري ويا آهن، عدالتي حڪمن باوجود ڳوٺ ۾ بيٺل 5 فوٽ کان مٿي برساتي پاڻي نيڪال نٿو ڪرايو وڃي، هنن دانهيو ته کين جو ڳوٺ تعلقي ٺري ميرواهه جي حدن اندر آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواهه وٽ دانهيو آهي، جڏهن ته عدالتي حڪمن تي جوڙيل ڪميٽي به هتي اچي واعدا ڪري وئي پر پاڻي نيڪالي لاءِ ڪو به عمل نٿو ڪيو وڃي، هنن دانهيندي چيو ته ڳوٺ کان شهرن، اسپتالن، اسڪولن توڙي روزگار لاءِ وڃڻ لاءِ ڳوٺ مان لڳ ڀڳ 200 فوٽن تائين جو مفاصلو روزانه پاڻي جهاڳڻو پوي ٿو، عورتون، بزرگ ۽ ٻارڙا پاڻي ۾ ڪري پون ٿا، ڪيترائي جنازا پاڻي جھاڳي ڪنهن ٻئي هنڌ دفنائڻا پون ٿا، هنن چيو ته مجبور ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي واري جڳهه تان کجين جون ڪاٺـيون رکي رستو ٺاهيو آهي، هنن چيف جسٽس سنڌ، پي ڊي ايم اي انتظاميا ۽ لاڳاپيل اختيارين کان نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.